عمران خان وٽ وقت کان اڳ چونڊن جو آپشن رکيل آھي، اسان کي چونڊن لاءِ تيار رھڻ گھرجي: ن ليگ

ڪراچي(م.ڊ) عمران خان وٽ وقت کان اڳ چونڊن جو آپشن رکيل آھي، اسان کي چونڊن لاءِ تيار رھڻ گھرجي، اھڙن خيالن جو اظھار ن ليگ سان لاڳاپيل اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد زبير جيو نيو جي پروگرام “نيا پاڪستان” ۾ ڳالھائيندي ڪيو، ھن وڌيڪ چيو تھ عمران خان ٽن سالن کان چئي رھيو آھي تھ مھانگائي اڳئين حڪومتن جي ڪري آھي، ايف بي آر جي سسٽم ۾ ھيڪنگ ٿي وئي ڪنھن کي خبر نھ پئي، ھن چيو تھ پي ٽي آئي جو وقت کان اڳ چونڊن جو مطلب ھي ھوندو تھ ھي ماڻھو پنھنجو ٽاڪس مڪمل نھ ڪري سگھيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *