عمران خان هر ڪم جادو ۽ تعويز سان ڪندو آهي، ائين ملڪ ناهن هلندا : خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته عمران خان هر ڪم، هر مسئلي کي جادو ۽ تعويز سان ڪندو آهي ائين ملڪ ناهن هلندا. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ماڻهن تي ظلم ڪيو، عوام سان ڌوڪو ڪيو آهي، مهانگائي ٿيندي آهي پر ايتري ناهي ٿيندي، عوام ۽ سمورا سياستدان گڏجي به هن ملڪ کي سنڀالي نٿا سگهن،  جڏهن ڊالر 120 جو هو ته مون چيو هو ته ڊالر جون ۾ 160 تائين ويندو پر هاڻ اهو 180 تائين ويندو ڇاڪاڻ جو حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان ان ڏينهن کان چئي رهيا آهيون، جنهن ڏينهن کان عمران خان حڪومت جون سموريون داعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي ويون، پيپلز پارٽي جو مطالبو آهي ته عوام کي سڪون فراهم ڪيو وڃي ۽ مهانگائي کي وڌائڻ بدران گهٽايو وڃي، عمران خان هر ڪم، هر مسئلي کي جادو ۽ تعويز سن ڪندو آهي ۽ ائين ملڪ ناهن هلندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *