
لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ): سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ جو گورنر ن ليگ جي سياست سنڌ ۾ ڪري رهيو آهي، خوراڪ واري وزير ايوان تجارت ۽ صنعت کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ جي گورنر کي پهرين زباني ڪلامي منع ڪنداسين ته اهو ايئن نه ڪري، اڳوڻي گورنر متحده تان استعيفيٰ ڏئي اڻ ڌريو طريقو اختيار ڪيو هيو، هن چيو ته موجوده گورنر جو هڪ ڀاءُ پي ٽي آءِ ۾ ويٺو آهي، عمران خان ناڪام ترين سياستدان آهي، هن چيو ته عمران خان عوام بدران ڪنهن ٻئي جي اشاري تي نچندو آهي.