عمران خان ناڪام جلسن کي لڪائڻ لاءِ رات جو سهارو پيو وٺي: ن ليگ

اسلام آباد/ڪالا شاهه ڪاڪو (م.ڊ/اين اين آءِ) سُڌ سماءُ بابت وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان هر ڳالهه ۾ خيبرپختونخواهه جو مثال ڏي ٿو پر ٽن سالن ۾ عوام نئون خيبرپختونخواهه نه ڏٺو آهي. وزير اعظم ڪي پي ڪي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ نڪتوآهي. پي ٽي آءِ جي پشاور واري جلسي ۾ عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان ناڪام جلسن کي لڪائڻ لاءِ رات جو جلسا ڪري رهيو آهي.پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي هجي ها ته وڏي ميدان بدران ننڍڙين گهٽين ۾ جلسو نه ڪن ها. عمران خان ٽن سالن تائين ڪنٽينر تان نه لٿو، پرويز رشيد چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه مشرف جي ساٿين کي ڳڻيندي پاڻ کي وساري ويٺو آهي. عمران خان ڪي پي ڪي ۾ انصاف جا مثال ٿو ڏي پر اتي جو ڊي جي نيب انصاف لاءِ واجھائي رهيوآهي. هن چيو ته عمران خان جي وڌيڪ اي ٽي ايم مشينن جي پت وائکي ٿي وئي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ عوام کي ٽن سالن ۾ نئون صوبو نضر نه آيو.ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آهي جي هٺ ڌرمي ۽ انا جمهوريت لاءِ خطرو آهي. ٻين جي احتساب جا شوقين پنهنجي ڳلي ۾ نهارين. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته  عمران خان جو نئون خيبرپختونخواهه آدم خور ڪوئن جي جنت بڻجي چڪو آهي. خيبر بينڪ صوبائي حڪومت جي ظلم تي ماتم ڪري رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف سان ميچ کيڏڻ لاءِ عمران خان کي صحت ۽ اسٽيمنا تي ڌيان ڏيڻو هوندو. خان صاحب! ليڊر ضدي هجي ته قوم ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندي آهي. ٻئي پاسي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دفاعي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو دامن ڪرپشن کان پاڪ آهي، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان نجات ملندي، هن چيو ته اجايا الزام هڻي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙ ڪنهن جا خير خواهه نه آهن، جڏهن ته عمران خان جو چور دروازي کان وزيراعظم بڻجڻ وارو خواب پورو نه ٿيندو، هنن چيو ته هاڻ ڌرڻا سياستدانن جو بسترو گول ٿيڻ وارو آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار يوسي ناظم چوڌري ارشد ورڪ جي انتظام هيٺ ڪيل ڪارنر ميٽنگ دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نام نهاد سياستدان پاناما ليڪس جي آڙ ۾ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ تي بضد بڻيل آهن جيڪا سراسر ملڪ سان دشمني جي برابر آهي پر اسان جي پارٽي جو ڪرپشن کان دامن پاڪ آهي، هن چيو ته سال 2018 وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ درپيش بحرانن تي ضابطو اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *