عمران خان مڙي وڃي، کائنس هڪ هڪ ظلم جو حساب ورتو ويندو: شهباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان اهو وقت پري ناهي جڏهن تون قوم جي اڳيان پيش ٿيندي ۽ هڪ هڪ ظلم جو بدلو ورتو ويندو،  ڪارڪنن دل نه لاهين، قيادت توهان سان گڏ آهي جنهن ماڻهو هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، سي پيڪ جو تحفو ڏنو، ملڪ مان اونداهي ختم ڪئي ان کي جيل ۾ وڌو ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽ لکپت جيل مان ٻاهران گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو، شهباز شريف چيو ته سعد رفيق، سلمان رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله کي سمورين سهولتن کان محروم ڪيو پيو وڃي، ڪارڪنن پريشان نه ٿين، الله جي مدد اسان سان آهي، هن چيو ته ن ليگ جي دور ۾ ملڪ جي ترقي ٿي، مان توهان کي پيغام ڏيان ٿو ته دل نه لاهيو، حوصلو ڪريو، قيادت توهان سان وک وک تي گڏ آهي، ان کان اڳ شهباز شريف سان مولانا فضل رحمان ٽيلفون تي رابطو ڪري رهبر ڪميٽي جي اڄ جمعي تي ٿيندڙ اجلاس ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مولانا فضل رحمان شهباز شريف کي نواز شريف لاءِ خاص پيغام ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *