عمران خان ميڊيا سان ڏند چڪ بدران ڪجهه ڏينهن لاءِ پرڏيهه هليو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه عمران خان کي صلاح ڏيندي چيو ته ميڊيا سان الجهڻ بدران ڪجهه ڏينهن لاءِ پرڏيهه هليو وڃي.ذريعن مطابق مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ ريحام خان جي ڌار ڌار زندگين لاءِ دعا ٿا ڪيون، سياستدان عوام جي ملڪيت هوندو آهي، انهن جو ڪو به عمل ذاتي ناهي هوندو ۽ سياستدان جو نجي معاملو به نجي ناهي هوندو،سندس چوڻ هو ته منهنجي عمران خان کي صلاح آهي ته  ميڊيا سان الجهڻ بدران پرڏيهه هليو وڃي. ٻئي پاسي مڪاني چونڊن جي حوالي سان خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي نتيجن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف جي مات ٿيڻ شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي مشهوري به گهٽ ٿي آهي. مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا نتيجا باقي ٻن مرحلن تي اثرانداز ٿيندا. هن چيو ته پارٽي جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۾ هن بلاول ڀٽو زرداري کي صلاح ڏني هئي ته هو ننڍين چونڊن جي ذريعي هاڻوڪي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ پنهنجو ڪردار نڀائي پر هن هاڻوڪي پارليامينٽ جو حصو  نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ گورننس جا مسئلا سڀني ادارن ۾ آهن، فوج هجي يا سول ادارا، بهتري جي ضرورت هر هنڌ آهي، نيب کي پنهنجي قانون تي عمل ڪرڻو پوندو پر هو پهرين جاچ ڪري پوءِ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي گرفتار به ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *