
لاهور(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي شادي وارين خبرن کان پوءِ عائشه گلالئي به ميدان ۾ اچي وئي ۽ هن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي صلاح ڏني آهي ته خان صاحب ۽ ميرا جون حرڪتون هڪ جهڙيون آهن ان ڪري عمران خان ميرا ڏانهن شادي جو پيغام موڪلي ۽ پنهنجو نڪاح شيخ رشيد احمد کان پڙهائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته ميڊيا جي رپورٽن موجب اڃان عمران خان جي شادي ناهي ٿي ۽ هن رڳو پرپوزل موڪليو آهي. عمران خان ۽ اداڪارا ميرا جون عادتون پاڻ ۾ ملن ٿيون، عمران خان کي هڪ عورت جي زندگي خراب ڪرڻ بدران ميران کي آڇ ڪرڻ گهرجي ۽ شيخ رشيد کان نڪاح پڙهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان مايوسي ۽ ڊپريشن جو شڪار آهي.