عمران خان ملڪ دشمن ايجنڊا جو اعلان ڪيو آهي: شهباز شريف

لاهور(م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عمران خان ملڪ دشمن ايجڻڊا جو اعلان ڪيو آهي ان جي ملڪ بند ڪرڻ جي ڌمڪي  پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان آهي عمران خان ملڪ بند ڪرڻ لاءِ ان تاريخ کي چونڊيو جنهن ڏينهن پهريان به دشمنن پاڪستان ٽوڙيو هو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پلاننگ اينڊ ڊولپيمينٽ جي وزير احمد اقبال سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪي صورتحال، سياسي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي شهباز شريف چيو ته لنڊن پلان جي ناڪامي کانپوءِ عوام پلان سي کي به سي آف ڪري ڇڏيندي هن جو چوڻ هو ته عمران خان جي پاڪستان بند ڪرڻ جي ڌمڪي ملڪ ۽ قوم جي مفادن جي منافي آهي وفاقي وزير احسن اقبال جو ان موقعي تي چوڻ هو ته عمران خان جي ڪال تي ڪوبه ڪاروباري ماڻهو ڪن نه ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *