عمران خان ملڪ جا وڏا شهر بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) عمران خان ملڪ جا وڏا شهر بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، اسلام آباد ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اعلان ڪيو آهي ته 4 ڊسمبر کان ملڪ جا مختلف وڏا شهر بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينداسين، 16 ڊسمبر تي پورو پاڪستان بند ڪيو ويندو، هن چيو ته مطالبا پورا نه ٿيا ته 16 ڊسمبر بعد اڳيون پروگرم (ڊي) ايندو، تحريڪ انصاف جو ڌرڻو جاري رهندو، 4 ڊسمبر تي لاهور، 8 ڊسمبر تي فيصل آباد، 12 ڊسمبر تي ڪراچي ۽ 16 ڊسمبرتي پورو پاڪستان بند ڪري ڇڏينداسين، عمران وڌيڪ چيو ته سمورا رستا بند ڪري اسان جي لاءِ ڪو به رستو ناهي ڇڏيو ويو، انصاف جو نظام طاقتور کي نه پر ڪمزور کي پڪڙيندو آهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏا لٽيرا آصف علي زرداري ۽ نواز شريف آهن، ميان صاحب توهان ته اربون روپيا چوري ڪيا توهان کي ڊاڪو نه چوان ته ٻيو ڇا چوان؟، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف 25 سالن ۾ ڪٿي کان ڪٿي پهچي ويا، ٻنهي وٽ اقتدار کان اڳ ڇا هيون، عوام غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ هي ٻئي ڄڻا امير ٿيندا پيا وڃن، 1998 ۾ زرداري نواز پارٽنر شپ جي وقت ڊالر 15 روپين جو هو، ٻنهي ڄڻن ملڪ کي ايترو لٽيو آهي جو هاڻي ڊالر 103 روپيا ٿي ويوآهي، نواز شريف ۽ زرداري جو پيسو ملڪ کان ٻاهر آهي. تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تقريرن جو وقت ختم ٿي ويو هاڻ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي هاڻ فيصلا تحريڪ انصاف نه پر عوام ڪندي عمران خان جي فيصلن تي عوام لبيڪ چيو عوام کان سوال ڪيان ٿو ته خاموشي سان گهر هليا وڃون؟ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف جي ايندڙ قدم لاءِ عوام تيار آهي پر شايد نواز شريف تيار ناهي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته ضد انهن جو به پڪو آهي نواز شريف سان گڏ هڪ مداري آهي جنهن جو نالو زرداري آهي موجوده حڪومت عوام جي سمنڊ سامهون نٿي بيهي سگهي هن چيو ته هن ملڪ ۾ صاف پاڻي نه ملڻ سبب ٿر جي ٻارڙن جي زندگي کسي پئي وڃي جيڪڏهن اهڙو ملڪ قبول ناهي ته پوءِ اچو هٿ مٿي ڪيو ۽ نظام کي بدلائڻ جو واعدو ڪيو جيستائين تبديلي نه ايندي عمران خان وڙهندو رهندو تبديلي جو پيغام کڻي عمران خان سان گڏ هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وينداسين پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اڳوڻي چيف جسٽس، اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي وزيراعظم مٿان ڪيس هلي سگهي ٿو ته نواز شريف تي ڇو نٿو هلي سگهي هن چيو ته نانگ جي چال ۽ نواز شريف جي سياست ۾ ڪوبه فرق ناهي هن وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ ايڏو وڏو جلسو ڪڏهن به ناهي ڏٺو ۽ نه ڪڏهن ڏسندس پاڪستان جي عوام گو نواز گو جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي عمران خان مون کي حڪم ڪري آئون عوام سان گڏ وزيراعظم هائوس هليو ٿو وڃان هن نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن وقت گذري ويندو آهي ته وزيراعظم حويليان خطاب ڪرڻ لاءِ پهچي ويندو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان بهادر آهي ته سڀاڻي رستا بند ڪري ڏيکاري مان کولي ڏيکاريندس اڄ شرافت ڏيکاري سڀاڻي شرافت نه ڏيکارينداسين توکي رستي تي گهلينداسين اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته عمران خان 300 ڪئنال جي گهر ۾ رهي ٿو ته ڇا ٿيو هو ڪنهن جي پيءُ جو مال ناهي ماڻهو چون ٿا ته پرويز خٽڪ نچي ٿو اهڙي جنون ۾ ڪير نه نچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *