عمران خان شوق پورو ڪري وٺي، هاڻي ڳالهيون 16 ڊسمبر کانپوءِ ئي ٿينديون: سعد رفيق/ پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عوام ڪپتان جو اصل چهرو ڏسي ورتو آهي، خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته عمران خان شوق پورو ڪري وٺي، هاڻي ڳالهيون 16 ڊسمبر کانپوءِ ئي ٿينديون. تحريڪ انصاف جَي جلسي کانپوءِ رد عمل ۾ پرويز رشيد جو چوڻ هو ته ڪپتان جو اصل چهرو عوام ڏسي ڇڏيو آهي، ڪپتان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم ئي نٿو اچي. هـُن چيو ته عمران خان توهان پاڻ ڌرڻو ختم ڪرڻ چاهي ٿو بس هاڻ کيس رستو کپي. ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته ڌانڌلين سان کيس نه پر عمران خان کي کٽرايو ويو هو. سعد رفيق چيو ته ڪپتان ڀلي شوق پورو ڪري وٺي، 16 ڊسمبر کانپوءِ ئي ساڻس ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته پرويز مشرف جا چمچا عمران خان کي پلان جوڙي ڏين پيا، ڪپتان اقتدار لاءِ هر طريقو استعمال ڪري رهيو آهي پر کيس ڪجهه به پلئه نه پوندو. سعد رفيق چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو آهي، پاڪستان کي بند ڪيو ويو ته هو خاموش نه ويهندا..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *