عمران خان شاهه محمود قريشي کي پارلياماني پارٽيز ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان روڪيو هو: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) عوامي مسلم يلگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عمران خان شاهه محمود قريشي کي وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارليماني ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان روڪيو هو مان عمران خان کي چيو ته شاهه محمود قريشي کي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان نه روڪيو وڃي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارليماني پارٽي ڪانفرنس ۾ مون نه گهرائي گهٽ عقل جو ثبوت ڏنو ويو آهي اجلاس ۾ اهڙن ماڻهن کي به گهرايو ويو جيڪي چون ٿا ته خدا جو شڪر آهي ته اسان پاڪستان ٺهڻ جي گناهه ۾ شامل نه ٿياسين هن چيو ته اجلاس ۾ جن ماڻهن کي گهرايو ويو اهي سڀ نوازشريف جا سپورٽر آهن هي ڀارت کي اکيون نٿا ڏيکاري سگهن هن چيو ته نوازشريف جيڪڏهن وڏي دل رکندو هجي ها ته مون کي ۽ چوڌري ڀائرن کي به گهرائي ها جيڪڏهن آصف زرداري کي فون ڪيو هو ته عمران خان کي به فون ڪري دعوت ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته وزيراعظم ان کان گهٻرائجي ويو آهي هو ڄاڻي ٿو ته ان سان سخت سوال ڪيا ويندا ان لاءِ ڪانفرنس ۾ نه گهرايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *