عمران خان سياسي ڀاڄوڪڙن کي گڏائي نئين پارٽي ٺاهي رهيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان تبديلي آڻڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي پر ٻين پارٽين جي سياسي ڀاڄوڪڙن کي گڏائي نئين پارٽي ٺاهي رهيو آهي، آزاد ڪشمير جي 50 سياسي اڳواڻن جي تحرڪي انصاف ۾ شموليت تي خيالن جو اظهار ڪندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر ووٽ وٺڻ کانپوءِ هو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي به وساري ڇڏيندو ۽ ان کي پهروين ڀيرو صرف چونڊن جي موقعي تي گلگت  بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جو خيال آيو، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سينيٽ چونڊن جي ٽڪيٽ هولڊرن ۾ ڪوبه اميدوار هيٺين طبقي سان تعلق نه ٿو رکي، سمورا اميدوار يا ته ارب پتي آهن يا اعليٰ ترين آفيسر شاهي جا نمائندا آهن جڏهن ته مسلم ليگ ن ۾ ٽڪيٽ قابليت، اهليت ۽ جمهوري جدوجهد تي ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *