عمران خان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 ارب رپيا هرجاڻي واري الطاف حسين جي دعويٰ جو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمران خان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 ارب رپيا هرجاڻي واري الطاف حسين جي دعويٰ جو جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته متحده سربراهه ذاتي رنجش جي بنياد تي سندس خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، جيڪا رد ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هرجاڻي جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار  ڪيو هو ته زهره شاهد ڪيس ۾ مٿس ڪوڙو الزام هڻي ساک کي نقصان رسايو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي وڪيلن درخواست جو جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته الطاف حسين ذاتي رنجش جي بنياد تي دعويٰ ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته زهره شاهد تحريڪ انصاف جي بنيادي ميمبر هئي ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سوچ رکندي هئي، الطاف جي چڙڏياريندڙ تقرير کانپوءِ زهره شاهد کي قتل ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازو رينجرز نائين زيرو تي ڇاپو هڻي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ وڏي مقدار ۾ غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا آهن، جنهن مان سندن لاڳاپن جو ثبوت ملي ٿو. عمران خان جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته زهره شاهد جي قتل بعد هن ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻ پنهنجي را جو اظهار ڪيو، جيڪو سندن آئيني ۽ قانوني حق آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، ان کي رد ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *