عمران خان رستن تي مٽي اڏائي وزيراعظم جي عهدي تي نه ٿو پهچي سگهي: احسن اقبال

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي ترقي منصوبابندي ۽ سڌارن واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان رستن تي مٽي اڏائي ڪڏهن به وزيراعظم جي عهدي تي نه ٿو پهچي سگهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ملڪ کي اتحاد جي ضرورت آهي عمران خان ملڪ ۾ انتشار ۽ انارڪي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو. پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ترقي وارن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته رڪاوٽن باوجود پاڪستان وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ ترقي جي راهه تي هلي رهيو آهي ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان کي ايشين ٽائيگر ٺاهڻ وارو خواب مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته معيشت جي ترقي لاءِ سمورين پارٽين کي قومي پاليسي بڻائي ان تي عمل پيرا هجڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم بڻجڻ لاءِ عوام جي دلين ۾ جڳهه ٺاهڻي پوندي آهي عمران خان رستن تي مٽي اڏائي حقيقي وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *