عمران خان خدا جي گهر ۾ پنهنجي لاءِ سچ ڳالهائڻ جي دعا گهري: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان عمري جي ادائيگي لاءِ ويو آهي ان لاءِ عبادت تي ڌيان ڏئي ۽ خدا جي گهر ۾ پنهنجي لاءِ سچ ڳالهائڻ جي دعا گهري، پرويز رشيد چيو ته عمران خان عمرو ڪري به ڪوڙ ڳالهائڻ نه ٿو ڇڏي، چونڊن کي 70 هزار ماهرن شفاف قرار ڏنو ان لاءِ عمران خان به ان کي قبول ڪري ۽ خدا جي گهر ۾ پنهنجي لاءِ سچ ڳالهائڻ جي دعا گهري، هن چيو ته عمران خان جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تي ڳالهائي ٿو ته ڪميشن جي دائري ۾ لفظ منظم ڌانڌلي شامل ڪرڻ کان ڇو ٿو گهٻرائي ۽ نه ڄاڻ فوجي عدالتن جي مخالفت ڪندڙ دهشتگردن کي تباهه ۽ بربادت ڪرڻ جي دعا ڪڏهن گهرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *