عمران خان جي گرفتاري وارنٽ تي پوليس عمل ڪري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري وارنٽ تي پوليس کي عمل ڪرڻ گهــُرجي ۽ اميد آهي ته انصاف جو عملبردار عمران به عدالتن ۾ پيش ٿيندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته قوم کي سبز باغ ڏيکاريندڙ عمران خان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان پي ٽي وي ۽ سرڪاري ادارن تي حملن لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪايو. پرويز رشيد چيو ته الزام خان کانپوءِ هاڻي هڪ ڀولا خان به سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري وارنٽ تي پوليس کي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ اميد آهي ته انصاف جو علمبردار عدالتن ۾ پيش ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته صبح جو ڀــُليل عمران خان جيڪڏهن گهر واپس آيو ته هــُو کيس ڀاڪر پائيندا. وزيراعظم جي برطانوي دوري بابت پرويز رشيد جو چوڻ هو ته لنڊن ۾ نواز شريف ڪنهن هوٽل ۾ نه پر پنهنجي پٽ جي گهر ۾ ترسيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *