عمران خان جي ڪراچي آمد جي موقعي تي ڪارڪن ڪا به بدتميزي يا نعريبازي نه ڪن: الطاف حسين جي هدايت

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڪارڪنن کي عمران خان جي ڪراچي آمد جي موقعي تي پرامن رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جمهوريت ۾ برداشت جي سگهه هئڻ گهرجي. لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته عمران خان جي ڪراچي آمد جي موقعي تي ڪا به بدتميزي يا نعريبازي نه ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم سربراهه عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته جناح گرائونڊ اوهان جو پنهنجو آهي، شوق سان جلسو ڪريو. هن چيو ته جمهوريت ۾ برداشت جي سگهه هئڻ گهرجي، ان سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. الطاف حسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  23 اپريل تي تڪ جو عوام ساڻس محبت جو اظهار ڪندو، بيلٽ باڪسز مان نڪرندڙ پرچيون ايئن هونديون ڄڻ مٿس گل نڇار ڪيا ويا هجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *