عمران خان جي ڪتن جو بيڊروم اچڻ ۽ جمائما سان لاڳاپا ريحام سان طلاق جو اصل ڪارڻ بڻيا: برطانوي اخبار

لنڊن (م.ڊ) برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ۽ ريحام خان ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف هئا پر عمران جي ڪتن سان وڏي لڳاءَ ۽ اڳوڻي گهرواري جمائما خان  سان لاڳاپا عمران ۽ ريحام ۾ طلاق جو اصل ڪارڻ بڻيا. برطانوي اخبار ڊيلي ميل پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ريحام خان جا مائٽ بني گالا ايندا ويندا هئا پر عمران خان جي مائٽن توڙي دوستن جو بني گالا اچڻ ريحام کي نه وڻندو هو،رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ريحام خان کي عمران جي ڪتن جو بيڊروم ۾ اچڻ به صفا نه وڻندو هو، ان کانسواءِ عمران خان جا پنهنجي اڳوڻي گهرواري جمائما خان سان لاڳاپا به ريحام کي پسند نه هئا، اهي ئي اختلاف ٻنهي وچ ۾ طلاق جو اصل ڪارڻ بڻيا، اخبار مطابق ريحام خان سياست ۾ داخل ٿيڻ سان گڏ عمران خان کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ پئي چاهي، جيڪا ڳالهه پي ٽِي آئي چيئرمين کي نه پئي وڻي.ڊيلي ميل لکيو آهي ته عمران خان ايس ايم ايس ذريعي ريحام کي ٽي ڀيرا طلاق. طلاق، طلاق جو نياپو اماڻيو ۽ اي ميل به ڪئي، ريحام کي طلاق وارو ايس ايم ايس برمنگهم ايئرپورٽ پهچڻ تي مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *