عمران خان جي ڌرڻن ۾ اسرائيلي رپيو خرچ ٿي رهيو آهي، مقصد ملڪ ۾ جمهوريت جو خاتمو ڪرڻ آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي ڌرڻن ۾ اسرائيلي رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ ان جو مقصد ملڪ ۾ جمهوريت جو خاتمو ڪرڻ آهي اسان کي ڪوئي نئون پاڪستان نه پر قائداعظم، آئين جي موجد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد جمهوريت محترمه شهيد بينظير ڀٽو وارو پاڪستان گهرجي آڱرين کي ريفرنڊم کي ووٽ ڏيڻ ۽ رستن تي ناچ گانا ڳا.ئيندڙن جو پاڪستان اسان نٿا چاهيون سياست ۾ مخالفت ضرور ٿيندي آهي پر دشمنيون ناهن ٿينديون عمران خان پيپلزپارٽي سميت سمورين سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي حوالي سان پنهنجي زبان کي لغام ڏي ٻي صورت ۾ عوام کي به ان جو جواب ڏيڻ ايندو آهي هو خميس تي سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏيئي رهيو هو شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جلسو ۽ پنهنجي جوشيلي خطاب ۾ جهڙي طرح بداخلاقي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ان جي نه صرف ڀرپور مذمت ڪيان ٿو هن چيو ته عمران خان سياست ۾ بدتميزي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي عوام ان جي اهڙي قسم جي وڌيڪ بداخلاقين کي برداشت نه ڪندو شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پنجاب جي دوري ۾ سيڪيورٽِ تي ساڍا ست سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي مقرري جي الزام کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان ثابت ڪري ته ايڏي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار هئا ته هو سياست ڇڏي ڏيندو هن چيو ته بلاول ڀٽو هن ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جو اڳواڻ آهي ۽ سندس دوري جي موقعي تي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻ ان سان گڏ هئا ۽ اهي سڀ پنهنجي ذاتي گاڏين ۾ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *