عمران خان جي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات مفيد رهي، آمريڪي صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو: شاهه محمود قريشي

ڊيووس(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات مفيد رهي ۽ آمريڪي صدر هن کي جلد پاڪستان جي دوري جي خاطري ڪرائي آهي. وزير اعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ سوئٽرز لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ موجود آهي جتي ان فورم ۾ آمريڪي صدر سميت ٻيا عالمي اڳواڻ شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته فورم جي موقعي تي عمران خان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جيڪا هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.  ملاقات دوران موجود شاهه محمود قريشي چيو ته صدر ٽرمپ جي پوري ٽيم ملاقات ۾ موجود هئي جنهن ۾ سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزير اعظم عمران خان ان دوران اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته عمران خان آمريڪي صدر جي سامهون ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍڻ جو معاملو کنيو ۽ پاڪستان طرفان ان سلسلي ۾ ڪيل بندوبستن تي بريفنگ ڏني جنهن تي صدر ٽرمپ هن کي ان معاملي ۾ حمايت جي خاطري ڪرائي. وزير اعظم آمريڪي صدر کي ٽريول ايڊوائزري ۾ بهتري جي درخواست ڪرڻ سان گڏوگڏ واپار جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا جو هڪ واپاري وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. ملاقات دوران خطي جي صورتحال خاص ڪري ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ٿيون ۽ وزير اعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ اُتي معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي تفصيل کان آمريڪي صدر کي آگاهه ڪيو. آمريڪي صدر چيو ته ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ ان سلسلي جي حل تي زور ڏيندي يقين ڏياريو ته هو ڪشمير جي معاملي تي ڳالهيون ڪندو. وزير اعظم وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار سان گڏوگڏ افغانستان امن عمل ۽ اُتان آمريڪي فوج جي نيڪالي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *