عمران خان جي پيءِ پاڪستان ۾ ڪرپش جو بنياد رکيو، ذوالفقار علي ڀٽو کيس نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو: عابد شير علي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته عمران خان جو پيءُع پاڪستان ۾ ڪرپشن جو بنياد رکيو جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو نوڪري مان ڪڍيو هو، عمران خان صرف هڪ نسل جو جواب ڏئي، عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ هڪ فراڊ وارو انسان آهي. خميس تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بني گالا کان زمان پارڪ تائين ملڪيت ڪرپشن جي پئسي سان ٺاهي وئي ان جي نيازي سروس به ڪرپشن جي ڪمائي ۾ ٻڌل آهي، عابد شير علي چيو ته تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته عمران خان جي والد کي ذوالفقار علي ڪرپشن جي بنياد تي نوڪري مان ڪڍيو هو. عمران خان چوري جي پيسن سان لنڊن جي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ويو. عمران خان ته پنهنجي ڌيءُ جي ولديت قبول ڪرڻ کان به انڪار ڪيو هو. سڄي دنيا جي ميڊيا تي ان جي اصليت ثابت ٿي چڪي هئي. اسانجي ليڊر 40 جو حساب ڏنو، عمران خان صرف هڪ نسل جو حساب ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *