عمران خان جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، تيل ٺڪاڻن تي حملي جي مذمت، ڪشمير صورتحال تي ڳالهيون

جده/اسلام اباد(اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب جي شهر جده پهچي ويو، جتي هو سعودي قيادت سان والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. جده جي رائل ٽرمينل تي مڪي جي گورنر خالد الفيصل بند عبدالعزيز وزير اعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير راجا علي اعجاز، قونصل جنرل خالد مجيد، سعودي اختياريون ۽ قونصليٽ جا آفيسر به موجود هئا. ان کان اڳ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل هڪ جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته وزير اعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس ۾ شرڪت کان پهرين سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزير اعظم ڪشمير مسئلي جي سلسلي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان مسلسل رابطي ۾ آهي. دوري دوران وزير اعظم سعودي قيادت سان ڀارت طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي کان پوءِ والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هلندڙ سال فيبروري ۾ سعودي ولي عهد جي پاڪستاني دوري کان پوءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سهڪار جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا تيزي سان هٿي به وٺن. ترجمان چيو ته ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مختلف رخن تي به ڳالهيون ڪندو.

وزيراعظم جي سڌسماءِ بابت خاص مددگار ڊاڪتر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ بااعتماد ڀائراڻن لاڳاپن جو مظهر آهي تازي دوري سان ٻنهي برادر ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا وزيراعظم پوري طاقت سان ڪشمير جو ڪيس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪندو وزيراعظم عمران خان جو هي دورو مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ لاءِ هڪ ٻيو سنگ ميل ثابت ٿيندو خميس تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن سان مظلوم ڪشميرين لاءِ اسلامي دنيا جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت حاصل ٿي هن چيو ته او آءِ سي ڪشميرين جي حمايت جو چٽو پٽو اظهار ڪيو هن چيو ته وزيراعظم انهيءَ طاقت سان ڪشمير جو ڪيس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪندو ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم سعودي ولي عهد سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪندو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي لاڳاپا اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيا هن چيو ته پاڪستان جو عوام سعودي قيادت سان خاص عقيدت رکي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *