عمران خان جي جناح گرائونڊ آمد، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر تيز، ڪارڪنن اٽڪي پيا، 3زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي چونڊ دنگل اين اي 246 تي ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو وري تيز ٿي وئي، عمران خان جي جناح گرائونڊ آمد جي موقعي تي پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران لٺيون لڳڻ سبب 3 ڪارڪن زخمي ٿي ويا، جڏهن ته ڪپتان ايم ڪيو ايم جو استقبال وٺڻ کانسواءِ ئي واپس هليو ويو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جلوس جي صورت ۾ ڪارساز کان سوڪ سينٽر پهتو. سوڪ سينٽر تان عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن غريب آباد کان حسين آباد ۽ مڪا چوڪ کان جناح گرائونڊ پهتا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عمران خان جي گل نڇاور ڪري آجيان ڪئي. عمران خان پنهنجي زال ريحام خان ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ جناح گرائونڊ ۾ پهتو ته شهيدن جي يادگار تي نه ويو. جناح گرائونڊ مان واپسي دوران تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو. ان دوران ڪارڪنن ٻئي ڏينهن تي لٺيون وسايون ۽ هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پوليس ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن کي پوئتي هٽايو ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ کان بچائي ورتو. ريلي جي موقعي تي پوليس سخت حفاظتي انتظام ڪندي لالو کيت کان واٽر پمپ تائين هڪ هزار اهلڪار مقرر ڪيا. ان کانسواءِ بم ڊسپوزل عملي به ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقي جي سوئيپنگ ڪئي. لالو کيت کان واٽر پمپ تائين شاهراهه پاڪستان کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري متبادل روٽ طور ٽريفڪ کي پـُل تان گذرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *