عمران خان جي اچڻ سان ڪرپشن ۾ واڌ ٿي، ڏوهن ۾ واڌ جو سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي: سعد رفيق

لاهور: (م.ڊ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مان اپوزيشن جي ڪردار مان مطمئن ناهيان. احتساب عدالت لاهور جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو ته عوام کي خبر آهي ته عمران خان جي اچڻ کان پوءِ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي، تحريڪ انصاف جي ڊونرز مددگارن کي نوازيو ويو ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چور نڪتا آهن. اهڙي صورتحال بڻجي چڪي آهي جتي ادارن جو ڪوبه والي وارث ناهي. اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ جو تعلق مهانگائي ۽ بيروزگاري سان آهي. سعد رفيق چيو ته اي وي ايم تحريڪ انصاف جو اليڪشن کٽڻ جو نئون منصوبو آهي، اي وي ايم تي سموريون سياسي پارٽيون متفق آهن، آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. هن 37 اعتراض اٿاريا آهن. حڪومت نيب کي ڪنٽرول ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي ۽ انتقامي سياست ڪري رهي آهي. عمران خان جي سوچ آهي ته سندس مخالف ڪهڙي به طرح فنا ٿي وڃن. جيڪڏهن احتساب شفاف هجي ها ته نظر اچي ها. پاڪستان ۾ انصاف جو نعرو ئي انتقام جي لاءِ لڳندو آهي. ليگي اڳواڻ چيو ته مان اپوزيشن جي ڪردار مان مطمئن ناهيان. اپوزيشن کي روڊن تي نڪرڻ گهرجي، ڪوبه لانگ مارچ ضايع ناهي ٿيندو، ان جو ڪونه ڪو نتيجو ضرور نڪرندو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته طاقتور حلقا نيوٽرل ڪردار ادا ڪن. لڳي ٿو ته بلدياتي اليڪشن جي نوبت نه ايندي. جيڪي وڏي شوق سان تبديلي کڻي آيا هئا انهن کي هاڻ هن تبديلي جو مزو وٺڻ ڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *