عمران خان جي افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جلد فائديمند ثابت ٿينديون: فواد چوڌري

تاشقند (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جون افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن. جيڪي جلد فائديمند ثابت ٿينديون. جمعي تي هتي علائقائي رابطا ڪانفرنس جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن، هن ڪانفرنس ۾ علائقائي رابطن ۽ معاشي سرگرمين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ۽ وزيراعظم عمران خان ملاقات دوران تاشقند کان گوادر تائين ٽرين سروس ۽ ڪراچي کان ٽاشقند تائين ٽرڪ جي چرپر جو نظام قائم ڪرڻ جي خواش ڏيکاري آهي هن چيو ته 22 ملڪن جا مملڪتي سربراهه ۽ پرڏيهي وزير هتي موجود آهي جيڪي واپار، معيشت ۽ ويزا جي سهولت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني جي ملاقات جو به امڪان آهي جنهن ۾ اهم معاملا بحث هيٺ ايندا اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ته جيئن علائقائي رابطا بهتر ٿي سگهن چوڌري فواد چيو ته افغانستان ۾ امن سان اسان وچ ايشيا سان ڳنڍجي وڃون ٿا. وزيراعظم عمران خان جون افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن، انشاءالله هي ڪوششون جلد فائديمند ثابت ٿينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *