
فيصل آباد (اين اين آءِ)پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جو اسلام آباد کي بند ڪرڻ واري ايجنڊا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سموري پنجاب ۾ سيڪيورٽي جا هرممڪن قدم کنيا ويا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد کي بند ڪرڻ پاڪستان کي بند ڪرڻ جي برابر آهي. اهو ڪم ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻ ڏينداسين. اسلام آباد ۾ ڌرڻي واري ڏينهن لکين ماڻهو ان سان نه پر ان کي روڪڻ لاءِ نڪرندا. سيڪيورٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ سموري پنجاب ۾ انتظام ڪيا ويا آهن.