عمران خان جيترا ماڻهو ته هڪ فنڪار به گڏ ڪري ويندو آهي: آصف زرداري

لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پ پ کي فعال بڻائڻ لاءِ پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سندن چوڻ ته ايندڙ اليڪشن تائين پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي، عمران نيازي ۽ ٻين کي چيو  ته پاليامينٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي.  امونڪي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته عمران نيازي ڳالهيون ڪري ملڪ بند نه ڪري، عمران خان جيترا ماڻهو جلسي ۾ گڏ ڪندو آهي ته اوترا ته هڪ فنڪار به گڏ ڪري ويندو آهي. هن چيو ته خطي ۾ باهه ٻريل آهي، ڪا چڻنگ اڏي پاڪستان ۾ نه اچي، ان لاءِ سڀني کي گڏجي ملڪ جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ غربت ۽ افلاس موجود آهي، عوام ۾ سياسي شعر جي هو دل سان آجيان ڪري ٿو. ان موقعي تي آصف علي زرداري پاران پارٽي کي ٻيهر پبجاب ۾ فعل بڻائڻ لاءِ پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *