عمران خان جو پلان سي ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جو پلان اي جمهوريت تي حملو، پلان بي ڌرڻي کانپوءِ جمهوريت جو گهيراءُ ۽ پلان سي ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ آهي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ريڊ زون واري غنڊه گردي اڄ فيصل آباد ۾ ڪئي وئي پي ٽي آءِ جي ڏنڊا بردارن کليل دڪانن تي حملو ڪيو رستن تي باهه ڏئي ٽريفڪ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سربراهه جي شهرن کي بند ڪرڻ واري اعلان تي پوري ملڪ مان مخالف ردعمل آيو عمران خان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته ان جي ڪال تي ڦيٿاروڪ ۽ پرتشدد واقعا ٿيا، اڄ ڪاروباري ۽ تعليمي ادارا کليل رهيا فيصل آباد ۾ صبح کان ٽريفڪ معمول تي هئي هن وڌيڪ چيو ته جمهوري طاقتن جي اتحاد عمران خان جي اي ۽ بي پلان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو پلان سي تحت شهر بند ڪرڻ جي ڪال جي فيصلآباد جي شهرين مذمت ڪئي آهي. پرويز رشيد چيو آهي ته  عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ جو چيمپئن آهي، کيس اعتراف ڪرڻ گهرجي ته فيصل آباد جي ماڻهن سندس سڏ کي موٽ نه ڏني، جنهن تي هنن هٿ سان رتو ڇاڻ ڪرائي، هن چيو ته عمران خان پاڻ اسلام آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۾ چوندو رهيو آهي ته انهن کي ڳچين مان پڪڙيو، گهليو ته اهي جملا ڀڙڪائڻ نه آهن ته ڇا آهن؟ هن چيو ته عمران خان پي ٽي وي تي حملي جي هدايت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، چيائين ته هو ڪنٽينر ۾ سُتل هو ۽ کيس ڪا خبر ئي نه هئي، جيڪا ڳالهه غلط ثابت ٿي. هن چيو ته فيصل آباد ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو سڄي قوم ڏٺو آهي ته ڏنڊا ڪنهن جي هٿ ۾ هئا، پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪنهن پئي ڪئي؟ هن چيو ته فيصل آباد جي سموري غنڊه گردي عمران خان جي چوڻ تي ٿي آهي، کيس پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ تسليم ڪرڻ گهرجي ته فيصل آباد جي ماڻهن سندس سڏ کي موٽ نه ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *