عمران خان جو اسامه بن لادن کي شهيد ڏسڻ زبان جو ترڪڻ هو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وزراعطم عمران خان جو اسامه بن لادن کي شهيد سڏڻ زبان جو ترڪڻ هو خانگي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته حڪومت ۽ رياست پاڪستان القاعده ۽ اسامه بن لادن کي دهشتگرد سمجهن ٿيون هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو اسامه بن لادن کي شهيد سڏڻ زبان جو ترڪڻ هو فواد چوڌري چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ دهشتگردي خلاف سڀ کان گهڻي قربانيون پاڪستان ڏنيون آهن، هڪ سوال تي فواد چوڌري چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان معاملي تي سوال جو جواب نه ڏنو ته ان جو اهو مطلب هو ته هاڻي اڳتي وڌجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *