عمران خان جون سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان سينيٽ چونڊن جي حوالي سان جيتريون به دعوائون ڪيون اهي ڪوڙيون ثابت ٿيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته خيبرپختون خوا ۾ سينيٽ جي چونڊ دوران پي ٽي آئي جا ڪارڪن پرچيون ايوان کان ٻاهر کڻي ويا. اين اي هڪ سو ٻاويهه تي عمران خان جي ڌانڌلي جو پول کلي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي پارٽي تي ڌيان ڏئي ها ته ان کي هر محاذ تي مات کائڻي نه پئي ها. هن چيو ته عمران  خان قومي اسيمبلي کي نٿو مڃي،پر سينيٽ جي چونڊ دوران خيبرپختون خوا ۾ وڃي ويهي رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *