عمران خان جنسي هراسگي وارن معالن ۾ سڌو سنئون ملوث آهي: ريحام خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحامخان چيو آهي ته پاڪستان ۾ زبردستي جنسي لاڳاپن جون رجحان وڌندو پيو وڃي، سياسي پوزيشن حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنس کي استعمال ڪيو پيو وڃي، عمران خان جنسي هراسگي وارن معالن ۾ سڌو سنئون ملوث آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ريحام خان چيو ته عمران خان پاڪستان جي ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي، هو اميدن تي پورو ناهي لهندو، آئون ٻيهر عمران خان کي ووٽ نه ڏينديس. هن چيو ته عمران خان ڪڏهن لبرل بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن اسلامسٽ، عمران خان جي رڳو هڪ ايجنڊا آهي ته ڪنهن به طريقي سان ووٽ حاصل ڪري وزير اعظم جي ڪرسي جي ويهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *