عمران خان بش سينيئر ۽ جونيئر جو ٻچو  قرار، پر امن اچو، نه روڪينداسين : خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بش سينيئر ۽ جونئير جو ٻچو قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي بش ئي پاڪستان ايڪسپورٽ ڪيو، اڳوڻي آمريڪي صدر جي جهولي ۾ پلجندڙ هاڻي کين ئي گاريون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪنهن کان خطرو آهي؟ ٿورو ٻڌايو، اسان کي نه چيف جسٽس کي ئي ٻڌايو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته قانون جي دائري ۾ هر شيءَ جي اجازت آهي، جيڪڏهن وفاق تي چڙهائي ڪئي وئي ته اهو خطرناڪ هوندو . هن چيو ته ملڪ جو صدر ذاتي مفادن کي قومي مفاد تي ترجيح ڏئي رهيو آهي، عمران خان جي حڪمت عملي خطرناڪ آهي، هو پاڻ کي ڪي پي ڪي ۾ محفوظ سمجهي ٿو. خورشيد شاهه اهو به چيو ته پر امن اچو، نه روڪينداسين، ريڊ زون ۾ نه اچي سگهندئو، سرينگر هاءِ وي تي ويهي رهو، انهن سان ڪنهن به قسم جي تحريري معاهدي جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ميڊيا عمران خان جي ڪنٽرول ۾ ناهي، لانگ مارچ رڳو عمران شو هوندو، هي ڄاڻي واڻي روڊن تي ويهي رهيا، عمران وٽ طاقت ناهي. وفاقي وزير چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته کين نه روڪيو وڃي پر جيڪڏهن هي ڏڦيڙ واري سياست نه ڪن، سندس  ڪوشش آهي ته کين گرفتار ڪيو وڃي، ماريو وڃي ته جيئن هو مظلوم بڻجي سگهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان پهريان جهموريت جو فائدو ورتو ۽ پوءِ سموري ملڪ کي نقصان رسايو .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *