لاهور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اورينج ٽرين ڪميشن کائڻ جي رٿا آهي، حڪومت هڪ وزير جو گهر بچائڻ لاءِ روٽ مٽايو ۽ ڪچي آبادي جي رهواسين کي متاثر ڪيو، سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي جاري ڪيل پنهننجي نياپي ۾ عمران خان اورينج ٽرين رٿا خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته هو ايندڙ هفتي لاهور ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت ڪندو، سندس چوڻ هو ته رٿا سبب متاثر ٿيندڙ ڪچي آبادي جي رهواسين سان گڏجي احتجاج ڪيو ويندو، عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت غريب ماڻهن سان زيادتيون ۽ ظلم ڪري رهي آهي.