عمران خان اليڪشن ٽربيونل تي دٻاءُ وجهي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ چاهي ٿو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان سياست ۾ اسپن ماسٽر بڻجي چڪو آهي، هو عدالتن کي دٻاءُ ۾ آڻي پنهنجي مرضي جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پرويز رشيد چيو ته عمران خان اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪر يرهيو آهي، عمران خان حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو ماهر بڻجي چڪو آهي، هو هر روز سچ جو قتل ڪري ٿو، هن چيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ٽرم آف ريفرنس پاڻ عمران خان طئه ڪرايو هو عمران خان چيو ته ڪميشن ٻيهر ڳڻپ ناهي ڪئي، عمران هاڻ وڪڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏئي، اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي، لوڪل ڪميشن مطابق هڪ لک 80 هزار 115 ووٽ درست آهن، اين اي 122 ۾ عمران خان کي 84 هزار 542 ووٽ مليا، اياز صادق کي 92 هزار 393 ووٽ مليا آهن پرويز رشيد استفسار ڪيو ته رپورٽ ۾ ڪٿي لکيل آهي ته 30 هزار ووٽ ڪوڙا آهن؟ عمرانخنا هاڻ پنهنجي ناڪام مان سبق سکي، رپورٽ جي حقيقتن ۽ عمران خان جي بيانن ۾ فرق آهي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان ڪوڙ تي قوم کان معافي گهري، عمران خان پنهنجي حصي جو سچ ڳالهائي ٿو سرڪاري سچ نه ٿو ڳالهائي، هو پاڻ ڪيس لڙڪائي رهيو آهي، اها جاچ چاهي ٿو جنهن ۾ ان جي مرضي جو نتيجو اچي، پرويز رشيد جو چوڻ هو ته جهانگير ترين پنهنجي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ کي قبول ڪيو، جوڊيشل ڪميشن لاءِ 5 مهينا اڳ خط لکي چڪا آهيون، عمران خان کي شرمندگي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، هن نوجوانن کي گمراهه ڪيو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *