عمران خان، آصف زرداري جي جوتي برابر ناهي، عوام جو حق کسڻ کانسواءِ ھن ڇا ڪيو؟ : بلاول

حيدرآباد (م.ڊ/اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم صاحب قوم کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلانڪ ري ۽ اسان بنا دير چونڊن لا3 تيار آهيون هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جيڪو تنقيد برداشت نٿو ڪري ظلم پاڻ ڪري ٿو، ووٽ تي ڌاڙو هنيو، عوام جي کيسي ۽ پيٽ تي ڌاڙو هنيو پر هاڻي حساب وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي وزيراعظم بزدل ۽ ڊڄڻو آهي خود هو ۽ ان جا ساٿي ٻين کي گار گند ڪن ۽ محسن بيگ کان خبر ناهي ڪيئن هڪ لفظ نڪتو ته ان صحافي کي ايترو ماريو ته منهنجي دوست جي خلاف ڳالهه نه ڪريو حيدرآباد ۾ مارچ کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو مارچ نالائق نااهل ۽ ناجائز وزيراعظم جي خلاف آهي هن سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ ان جي معاشي پاليسين جي خلاف آهي هن چيو ته اسان هن ملڪ جي غريب عوام مزدور هارين ۽ شاگردن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون سنڌ حڪومت واحد حڪومت هئي جنهن گهٽ ۾ گهٽ اجرت ٻين صوبن کان وڌيڪ رکي هن چيوت ه مزدورن ۽ عوام جو فيصلو عدالتن ۾ چئلينج ٿي رهيو آهي سنڌ حڪومت مهيني وار اجرت پهريان کان وڌيڪ مقرر ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن کان هي پي ٽي آئي ايم ايف بجيٽ آئي آهي تڏهن کان اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻيا سان جي جدوجهد هڪ اهم مرحلي ۾ پهتي آهي جڏهن ته اسان هن معاشي بحران، پي ٽي آئي ايف ايف ڊيل مان نڪرڻ لاءِ عمران خان کي گهر موڪلڻو پوندو ۽ هن حڪومت کي ختم ڪرڻو پوندو هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊونڪ رائڻيونپ ونديون ته جيئن هڪ اهڙي عوامي حڪومت اچي جنهن کي عوام جو مينڊيٽ هجي جيڪي عوامي نمائندا هوندا کين عوام جي ڏک سور جو احساس ٿيندو ۽ مسئلن جو پتو هوندو ته جيئن اهي جڏهن معاشي پاليسي ٺاهين ته عوام دوست پاليسيون ٺاهين پ پ چيئرمين چيو ته جيالن جو جوش ۽ جذبو ڏسي ڪٺپتلي گهبرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ڪٺپتلي پنهنجا چند وزير سنڌ ۾ موڪليا آهن ته سنڌ جي حقن لاءِ مارچ ڪريو هن چيو ته هن ڪٺپتلي ۽ سليڪٽڊ کي ڪير سمجهائيندو ته سنڌ جي حق ۾ جيڪڏهن ڌاڙو هنيو ته اوهان هنيو آهي جيڪڏهن سنڌ جو گئس پاڻي، آئيني حق، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڌاڙو هنيو ته اوهان هنيو وزراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته تون نه رڳو سنڌ سان ناانصافي ڪئي پر چئني صوبن سان ناانصافي ڪئي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ناانصافي ڪئي پر هاڻي وقت اچي ويو ته هي تماشا نه هلندا هن چيو ته هاڻي حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي وزيراعظم بزدل آهي ايترو پريشان ٿيو آهي جو پهريان ميڊيا تي پابندي هڻي رهيو هو ته منهنجي حڪومت جي خلاف ڪجهه نه ڳالهايو پوءِ ميڊيا تي پابندي هڻي رهيو هو ته وزيراعطم جي خلاف نه ڳالهيو وري ميڊيا تي پابندي لڳائي رهيو هو ته خاتون اول جي خلاف نه ڳالهايو بلاول ڀٽو چيو ته هاڻي تازو ئي هن پورو آرڊيننس جاري ڪيو ته جيڪو به غلط واٽس ايپ ميسيج اماڻيندو سوشل ميڊيا تي جيڪو به وزيراعطم کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ته ان کي پنج سالن لاءِ جيل وڃڻو پوندو پ پ چيئرمين چيو ته هاڻي پيپلزپارٽي جا جيالا هن سليڪٽڊ کان حساب وٺڻ لاءِ ميدان ۾ لٿا آهن ان جا نمائندا چون ٿا ته زرداري جي دور ۽ عمران خان جي ٽن سالن ۾ ڀيٽ ڪريو عمران خان کسڻ کان سواءِ ڇا ڪيو آهي هن چيو تهعمران خان عوام جي کنڊ، اٽو، پاڻي ۽ گئس چوري ڪئي آهي پر ٻين تي الزام ڏي ٿو زرداري 1973 جو آئين بحال ڪيو ۽ 18هين ترميم وٺي ڏني هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم سمجهي ٿو ته هو پ پ جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ته اڄ قوم کي خطاب ۾ اعلان ڪري ۽ اسيمبليون ٽوڙِ اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون بلاول ڀٽو چيو ته اڄ ئي ڇونڊن جو اعلان ڪريو پاڪستان جي عوام جيڪو فيصلو ڪندي ته هن سليڪٽڊ کي رد ڪيو ويندو خود اسيمبليون ٽوڙيو ۽ استيعفا ڏيو ٻي صورت ۾ عدم اعتماد کڻي اسلام آباد اچي رهيا آهيون هن چيو ته جمهوري حملو ڪرڻ وارا آهيون تنهنڪري پاڻ هليا وڃو ٻي صورت ۾ اسان اوهان کي گهر اماڻي ڇڏينداسين هن چيو ته اڄ مارچ جو ٻيو ڏينهن آهي پر هاڻي بني گالا مان رڙيون نڪري رهيون آهن هڪ ڏينهن ۾ ايتري تڪليف پهتي آهي ته 8 مارچ تي جڏهن اسلام آباد پهچنداسين ته پوءِ ڇا ٿيندو پوءِ انک ي ضرور وڃڻو پوندو بلاول ڀٽو چيو ته اسان حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي حق ۾ مهم هلائي رهيا آهيون پارليمينٽ جي هر ميمبر کان اسان جي گهر آهي ته عوام جو اعتماد کڄي چڪو آهي هاڻي پارليامينٽ جو اعتماد کڄڻ گهرجي ۽ عدم اعتماد جو وقت اچي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته جيالن جو جوش ڏسي هٿ ٺوڪئي گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ڊڄڻو آهي، ان کان تنقيد برداشت ناهي ٿيندي، وزيراعظم ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري، اسان تيار آهيون، وزيراعظم پاڻ استعيفيٰ ڏئي نه ته جيالا اسلام آباد پهچي رهيا آهن، کيس گهر موڪليندا. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان، آصف زرداري جي جوتي برابر ناهي، عوام جو حق کسڻ کانسواءِ عمران خان ڇا ڪيو؟ عام ماڻهو مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، توهان کي ملڪ جي غريب عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *