عمران بچي ويو، جهانگير ترين تاحيات نااهل قرار، پي ٽي آءِ پاران نظرثاني اپيل جو اعلان

ڪراچي/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ ن ليگ جي اپيل کي رد ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي اهل قرار ۽ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته هڪ صفحي تي غطلي هئي پر 250 صفحا پڙهڻا پيا، فيصلي کي غور سان ٻڌو وڃي، فيصلو دير سان ٻڌائڻ تي معافي ٿو گهران. چيف جسٽس چيو ته سمورين شاهدين جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پرڏيهي فنڊن جو الزام لڳايو ويو. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن اڪائونٽن جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪري ۽ پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي جي جاچ اليڪشن ڪميشن ڪري. عمران نيازي سروس جو شيئر هولڊ يا ڊائريڪٽر نه هو جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کي ايمان قرار نٿو ڏئي سگهجي.تحريڪ انصاف جهانگير ترين بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ عمران خان کي اهل جڏهن ته جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته جهانگير ترين خلاف ٽي الزام هئا، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان خلاف درخواست رد ٿي وئي جڏهن ته جهانگير ترين خلاف درخواست ۾ ٻه الزام رد ڪيا ويا، کيس هڪ الزام تي نااهل ڪيو ويو جيڪو هڪ ٽيڪنيڪي مسئلو آهي. سندس چوڻ هو ته جهانگير ترين جي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪنداسين پر اڄوڪي فيصلي سان اسان جو موقف درست ثابت ٿيو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين جو پاناما جي مافيا سان ڪو به مقابلو ناهي، اسان ڪيس کي جهڙي ريت مقابلي تي رکيو ويو اها وڏي زيادتي هئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آئون نيب جي سخت مذمت ڪيان ٿو ته نيب چيئرمين شهباز ۽ نواز شريف سميت سڄي ڪٽنب کي بچايو. جهانگير ترين کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي نااهل قرار ڏنو ويو  جنهن بابت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول آهي. ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هنن وٽ هر شئي جو جواب قطري خط هو، آئون نيب جي سخت مذمت ڪيان ٿو نيب شهباز ۽ ڪٽنب خاندان کي حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ بچايو، نيب سپريم ڪورٽ ۾ درست نموني ڪيس پيش نه ڪيو ڇو ته نيب چيئرمين ساڻن ٻڌل هو. هن چيو ته اهي پاڻ ڪرپٽ ان ڪري هنن کي لڳي ٿو ته هر ماڻهو ڪرپٽ آهي، جهانگير ترين کي ٽيڪنيڪيل بنيادن تي نااهل قرار ڏنو ويو، اسان ان بابت به اپيل داخل ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عدالت جي فيصلي تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، ڪيس هڪ منشيات فروش ڪيو هو نواز شريف کي ڪيس ڪرڻ لاءِ هڪ منشيات فروش کان سواءِ ٻيو ڪير به نه مليو.  هڪ سال تائين سپريم ڪورٽ ۾ منهنجو ڪيس هليو، سمورا مني ٽريل ڏنا ۽ 60 دستاويز به ڏنا ۽ سڀني کي خبر آهي ته قطري خط فراڊ هو.  نواز شريف کي ڪو ٻيو شخص نه مليو هوندو، تڪليف اها آهي ته منهنجي ان شخص سان ڀيٽ ڪئي جنهن قوم جو پيسو پرڏيهه موڪليو. منهنجي ڀيٽ ان سان نه ڪئي وڃي  جنهن غريب قوم جو پيسو چوري ڪيو. هن چيو ته جهانگير ترين جي فيصل تي ڏک آهي، هنن جي ڪرپٽ ماڻهن سپريم ڪورٽ ٻاهران بيهي مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو،  جهانگير ترين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندو آهي، شريف ڪٽنب ٻڌائي ئي نه سگيو ته ايترو پيسو ڪٿان آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *