علي زيدي ذاتي دوستن کي پيو نوازي، سياسي انتقام وٺي ڪري پنهنجي ذاتي انا کي تسلي ڏني پئي وڃي؛ سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾ صرف سياسي مخالفن جو احتساب ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کان سياسي انتقام وٺي پنهنجي ذاتي انا کي تسڪين ڏني پئي وڃي اطلاع آهي ته مالم جبه ڪيس ۾ سمورن ملزمن کي ڪلين چٽ ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي واقعي ۾ مندرن ۽ دڪانن کي نقصان پهچايو ويو پر رينجر ۽ پوليس حالتن کي قابو ۾ ڪيو جڏهن ته اسان پاڻ اتي وياسين، عالمن واضح ڪيو ته مندر تي حملو ڪندڙن سان انهن جو ڪو به تعلق ناهي، ٻنهي ڌرين ذميوارن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني، جنهن کانپوءِ جوابدار گرفتار ڪيا ويا، پر انهن خلاف الزام غلط لڳايا ويا ته الزام لڳائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، انهن ٻنهي ڌرين جو شڪريو ادا ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ميرپورخاص واقعو ٿيو ته ايمبولينس نه ڏني وئي، جنهن ڪري واقعو پيش آيو، جڏهن ته ايمبولينس ورڪنگ ۾ هئي پر ميڊيا اهو واقعو ائين رپورٽ ڪيو ته جيئن اهو واقعو بلاول ڀٽو ڪرايو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور حرڪت ۾ آئي ۽ ذميوارن کي معطل ڪيو آهي، وڌيڪ انڪوائري هلندڙ آهي، متاثرين جي فيملي جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا اهن، هڪ سوال جي جواب تي صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت واري سعيد غني ميڊيا کي ٻڌايو ته علي زيدي پنهنجي ذاتي دوستن کي نوازي رهيو آهي، انهن ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا ويا آهن، ان خلاف ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن ۾ جاچ جاري آهي، پي ٽي آءِ حڪومت تي وڏي وزير جي جوڙيل پنهنجي ٽيم رپورٽ ڏني، وڏي وزير جو اهو چوڻ آهي ته اسان جي جاچ پهريان ٿيندي پوءِ نيب ڪيس موڪليو ويندو، بي آر ٽي منصوبا ڪرپشن جو داستان آهن، سنڌ جي تقسيم يا ڪراچي عليحدگي تي اسان جو واضح موقف آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ تقسيم برداشت نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي سنڌ جي تقسيم جي مخالفت ڪندا آهن، پر ايم ڪيو ايم سان گڏ ويٺل آهن، فروغ نسيم اهڙي ڳالهه ڪري دراصل ايم ڪيو ايم جي مدد ڪئي آهي، هن پي ٽي آءِ کي رڳڙو لڳايو آهي، ڇو ته اسان ايم ڪيو ايم جي نيت سان سٺي ريت واقف آهيون، هن چيو ته فروغ نسيم الطاف حسين کي نيلسن منڊيلا سان تعبير ڪيو آهي، ان جي رڪمنڊيشن ايم ڪيو ايم سان ناهي، ڪنهن ٻئي هنڌان ٿي آهي، ان تي ايم ڪيو ايم به اعتراض ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم اسان سان گڏ ناهي پر انهن جي حرڪتن کان واقف آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *