عليم خان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي الزامن کي رد ڪندي کيس مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) عليم خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي الزامن تي کيس ٽي وي تي مناظري جو چيلينج ڏئي ڇڏيو. عمران خان هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته عليم خان ۽ جهانگير ترين جو مقصد اقتدار ۾ اچن کانپوءِ فائدو کڻڻ هو. تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ هو ته عليم خان پنهنجي 300 ايڪڙ زمين ليگل ڪرائڻ چاهي پيو جڏهن ته جهانگير ترين جو مسئلو شگر ڪميشن هو. عمران خان جي الزامن تي رد عمل ڏيندي عليم خان چيو ته عمران خان جو انٽرويو ڏٺو، عمران خان الزام لڳايو ته عليم خان 300 ايڪڙ زمين ليگل ڪرائڻ چاهي پيو، مان 2010 کان 2018 تائين اپوزيشن ۾ عمران خان سان رهيس، هي سوسائٽي 2010 ۾ به مون وٽ هئي جيڪا اڄ به مون وٽ آهي، عمران خان منهنجي والد جي وفات تي هن سوسائٽي ۾ آيو هو. عليم خان جو چوڻ هو ته هاڻي جاچ ٿيڻ گهرجي ته هي زمينون ڪهڙن ڊيولپرز کي ڏنيون ويون، سرڪاري ريٽ تي خريد ڪري زمينون من پسند پرائيويٽ ڊيولپرز کي ڏنيون ويون، ايل ڊي اي جي وائس چيئرمين جا مائٽ به ڇا انهن ڊيولپرز ۾ شامل آهن؟ سرڪاري ريٽ تي زمين ايڪوائر ڪريي پلازا ٺاهيا ويا، جيڪڏهن روڊا جي تحت اوهان جو گالف ڪورس ٺهي سگهي ٿو ته عليم خان جي سوسائٽي ڇو نه؟ جيڪڏهن روڊا پراجيڪٽ براون آهي ته اتي منهنجي زمين ڪيئن گرين ٿيندي؟ پي ٽي آءِ جي مخالف ميمبر جو چوڻ هو ته هر ڏکئي وقت ۾ ڇا مان ان لاءِ بيٺل رهيس ته 300 ايڪڙ زمين جو اسٽيٽس تبديل ڪرائڻو هو؟ جيڪڏهن مون بابت غلط الزام لڳائيندا ته چپ مان به نه ويهندس، جيڪڏهن منهنجو نالو تميز سان وٺندا ته مان به اوهان جو نالو تميز سان وٺندس، جيڪڏهن اوهان وات کولرائڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن چينل تي منهنجي ۽ جهانگير ترين جي سامهون ويهو، پوءِ سڀ سچ ڳالهايو ته جيئن عوام کي خبر پوي ته عليم خان، جهانگير ترين ۽ عمران خان جو اصل چهرو ڪهڙو آهي. هن چيو ته عمران خان ٻڌي وٺي مون وٽ هن وقت 10 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آهي، اوهان 300 ايڪڙ تي الزام لڳائي ڇڏيو، منهنجي محنت ۽ ڪوسش جو اهو ملهه لڳايو؟ ماڻهن سامهون سچ ڳالهايو ۽ کين حقيقتون ٻڌايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *