عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد محمود کي ڦاسي ڏني وئي

فيصل آباد(م.ڊ) جي ايڇ ڪيو ۽ پرويز مشرف ت حملي ۾ ملوث عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد محمود کي رات 9 وڳي ڦانسي ڏني وئي، ملڪ ۾ پهرين ڀيرو سزا موت جي ڏوهارين کي رات ڦانسي تي چاڙهيو ويو، عام طور تي مجرمن کي فجر جي وقت سزا موت ڏني ويندي آهي، ان کان اڳ ڏوهارين جا ڊيٿ وارنٽ وصول ٿيندي ئي ڦانسي ڏيڻ جي لاءِ عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد محمود کي ڊسٽرڪٽ جيل فيصل آباد منتقل ڪيو ويو هو، جتي ٻنهي قيدين جا آخري بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ڊاڪٽرن دهشتگردن جو طبي معائنو مڪمل ڪيو، ذريعن موجب ٻنهي قيدين پنهنجي آخري بيان ۾ چيو ته انهن کي پنهنجي ڪيل فعل تيڪا به پشيماني نه آهي، ڦانسي گهاٽ وٺي وڃڻ دوران ٻنهي جوابدارن الله اڪبر جا نعرا هنيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *