عزير جان بلوچ انٽرپول ذريعي دبئي مان گرفتار ، 30 ڏينهن اندر ڏيهه آڻڻ جا امڪان

اسلام آباد/ڪراچي(م.ڊ) لياري گينگ وار جي مک ڪردار ۽ پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪميٽي جي سربراهه عــُزير جان بلوچ کي انٽرپول پاران دبئي مان گرفتار ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن. ذريعن موجب عزير بلوچ ايراني پاسپورٽ تي اومان جي گادي واري شهر مسقط کان دبئي ۾ داخل ٿيو جتي انٽرپول تصديق بعد کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. سرڪاري سطح تي عزير بلوچ جي گرفتاري بابت ڪنهن به قسم جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته عزير بلوچ قتل، قتل جي قدمن، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ڀتي خوري جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهــُربل آهي ۽ 2013ع ۾ ڏوهارين خلاف ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿيڻ تي هــُو پرڏيهه فرار ٿي ويو هو.  لياري گينگ وار جي اهم جوابدار عزير بلوچ کي پاڪستان آڻڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون، عزير بلوچ کي 30 ڏينهن اندر پاڪستان آڻڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق ڪراچي پوليس عزير بلوچ جي حوالگي جا دستاويز تيار ڪري گهرو وزارت کي موڪليندي گهرو وزارت پرڏيهي وزارت ذريعي يو اي اي اختيارين سان رابطو ڪندي جڏهن ته يو اي اي ۾ موجود ايف آءِ اي آفيسر عزير بلوچ جي حوالگي لاءِ مدد فراهم ڪندا، 3 ڏينهن تائين ڪاغذ نه موڪليا ويا ته عزير بلوچ کي آزاد ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *