عزير بلوچ جا “را” سان رابطا،ايم پي اي ثانيا ناز جي گهر تي ڇاپو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز لياري گينگ وار جي ،مک اڳواڻ عزير بلوچ جي جي آئي ٽي لاءِ سنڌ جي  گهرو کاتي کي خط لکيو آهي،جاچ اداري جي  ذريعن جو چوڻ آهي ته عزير بلوچ پاڙيواري ملڪ جي ڳجهي ايجنسي “را” سان رابطن جو ڏوهه قبوليو آهي.هن ٻڌايو ته هوڪراچي کان ڀڄڻ کانپوءِ ان ئي ايجنسي جي مدد سان پهرين ايران،پوءِ مسقط ۽ دبئي پهتو هو،جتي پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن به ساڻس رابطا ڪيا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته عزير بلوچ جي ليبر کاتي،پوليس ۽ فشريز ۾ ڀرتيون ڪرائڻ ۽ فشريز جي گرفتار چيئرمين سلطان قمر صديقي کان هٿيارن جي ڏي وٺ جو به انڪشاف ڪيو.عزير بلوچ اهو به مڃيو ته هن ڌار ٿيندڙ ڪاوڙيل بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر الله نذر کي لياري ۾ پناهه ڏياري هئي.هوڏانهن لياري کان سنڌ اسيمبلي جي مميبر ثانيا ناز جي گهر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڇاپو هڻي اهم دستاويز ۽ پاسپورٽس هٿ ڪيا آهن.ذريعن مطابق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ثانيا ناز کان اڌ ڪلاڪ پڇاڳا ڪئي ۽ عزير بلوچ بابت سوال به ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *