عرب شهزادن کي سنڌ ۾ شڪار جي اجازت نه ڏيو: سنڌ اسيمبلي ميمبرن جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه صبح جو ساڍي ڏهين وڳي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وٿي بعد تحريڪ التوا اڪلائي وئي. ان کانپوءِ اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه جي ورسي جي ڪري اجلاس جمعي ڏينهن صبح جو 10 هين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ميمبرن حڪومت تي زور ڏنو ته عرب شهزادن کي سنڌ ۾ شڪار جي اجازت ڏيڻ جو سلسلو هاڻ بند ڪيو وڃي ڇو ته ڪجهه پکين ۽ جانورن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت پاران چيو ويو ته اهي اجازت ناما وزارت خارجه جاري ڪندي آهي پر 18هين   آئيني ترميم بعد سنڌ ۾ جلد قانونسازي ڪئي ويندي، جنهن تحت غير ملڪين کي شڪار جي اجازت وٺڻ جي لاءِ صوبن سان رابطو ڪرڻو پوندو. جهنگلي جيوت کاتي بابت سوالن جوابن جي وٿي دوران ميمبرن جهنگلي جيوت بابت خطرن جي حوالي سان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. جهنگلي جيوت کاتي جي وزير پاران کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري سيد ناصر حسين شاهه ميمبرن جي لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏنا سيد ناصر شاهه ٻڌايو ته تتر پوري دنيا ۾ شڪار ڪيو ويندڙ پکي آهي، ان جي آبادي ۾ قدرتي طور تي تيزي سان واڌ ٿيندي آهي پر ان جي شڪار به هڪ ضابطو هوندو آهي. شڪار جي موسم ۾ صرف آچر ڏينهن هڪ لائيسنس تي هڪ ڏينهن ۾ صرف 10 تترن جو شڪار ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوال جي تحريري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته تلور جي شڪار جي لاءِ سال 13- 2012 ۾ مختلف عرب شهزادن جي ذريعي 518 باز در آمد ڪيا ويا هئا انهن مان سعودي مان 33 باز، خطر مان 222، متحده عرب امارات مان 133، بحرين مان 120 ۽ ڪويت مان 10 عقاب در آمد ڪيا ويا هئا. هن چيو ته هڪ شڪاري 100 تلور جو شڪار ڪري سگهي ٿو، شڪاري واپس وڃڻ کان اڳ باز کي آزاد ڪري ڇڏيندو آهي. ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته تلور جي آبادي تمام گهٽ ٿي رهي آهي، ان جا ڪجهه قسم ناياب ٿي ويا آهن، غير ملڪين کان پيسا وٺي انهن کي شڪار جي اجازت ڏني ٿي وڃي. اهو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، ان سان جهنگلي جيوت به ختم ٿي رهيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شڪار جي اجازت وزارت خارجه ڏيندي آهي، تلور هڪ خاص موسم ۾ سائيبيريا کان هجرت ڪري ايندا آهن ۽ پوءِ اهي واپس هليا ويندا آهن، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته توهان انهن کي ڇڏيندا ته هو واپس ويندا نه. سيد سردار احمد چيو ته هڪ زماني ۾ منڇر ڍنڍ ۾ وڏي تعداد ۾ پکي ايندا هئا جڏهن اهي اڏندا هئا ته ائين لڳندو هو ته آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن. مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبر نند ڪمار چيو ته متحده عرب امارات جي وزير جيڪو بيان ڏنو آهي ان کان پوءِ اسان جي غيرت جاڳي آهي يا نه؟ ناصر شاهه چيو ته اسان ان بيان جي مذمت ڪيون ٿا توهان کي به مذمت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شڪار لاءِ ايندڙ غير ملڪي هتي اچي سماجي ڪم به ڪن ٿا ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ به منصوبا مڪمل ڪن ٿا، انهن ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا آهن. لياقت علي جتوئي چيو ته عرب شهزادا جڏهن به شڪار تي اچن ٿا ته اسان جي حڪومت انهن کي سڪيورٽي فراهم ڪندي آهي، اسان جي علائقن ۾ ته انهن ڪو به ڪم ناهي ڪرايو. ناصر شاهه چيو ته لياقت علي جتوئي پنهنجي دور حڪومت ۾ غير ملڪين کي پاڻ شڪار جي اجازت ڏني هئي، جنهن تي لياقت علي جتوئي چيو ته مون وڏي وزير جي حيثيت ۾ ڪنهن کي به اجازت نه ڏني هئي. مسلم ليگ فنڪشل جي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي، شڪار جي ڪري پکين ۽ جانورن جا نسل ختم ٿي رهيا آهن. جيلن جو نسل پڻ ختم ٿي رهيو آهي، جنهن تي ناصر حسين شاهه چيو ته 18هين ترميم بعد بلوچستان ۽ سنڌ جي حڪومت وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته اڳتي غير ملڪين کي شڪار جي اجازت ڏيڻ کان اڳ صوبن کان رضامندي حاصل ڪئي وڃي، اهو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به کنيو ويندو. هن چيو ته جي قومي مفادن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته لکين پاڪستاني خليجي رياستن ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ غير ملڪي جڏهن هتي شڪار جي لاءِ ايندا آهن ته هتي به ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار ملندو آهي. جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته بنگالي طوطن جو نسل ڪيئن ختم ٿي ويو. پارلياماني وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته 18هين آئيني ترميم بعد اسان هڪ قانوني مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن جي منظوري بعد غير ملڪين جي لاءِ اهو ضروري هوندو ته هو شڪار جي اجازت وٺڻ جي لاءِ صوبن سان رجوع ڪندا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءُ چيو ته ايوان ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نٿو ڪيو وڃي، هر ڳالهه کي مذاق ۾ ٽاريو ٿو وڃي. حڪومت پاران جنهن ريت سوالن جا جواب ڏنا پيا وڃن، انهن مان ميمبرن مطمئن نٿا ٿين. ناصر حسين شاهه چيو ته اسان تفصيلي جواب ڏئي رهيا آهيون، عورت ميمبر ٻڌائي ته اسان کيس ڪئين مطمئن ڪيون؟ هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ جلد هڪ قانون آندو پيو وڃي، جنهن تحت غير قانوني شڪار ڪرڻ وارن جي ڏنڊ ۽ سزائن ۾ واڌ ڪئي ويندي. ان دوران ڊاڪٽر سيما ضيا ايوان ۾ اٿي هلي وئي ته سينيئر وزير نثار احمد کهڙو اسپيڪر کي چيو ته عورت ميمبر ايوان تي ايترو وڏو الزام لڳائي پاڻ ايوان مان ٻاهر هلي وئي آهي، ڇا ان جو اهو رويو اسيمبلي تي عدم اعتماد جي برابر ناهي. سوالن جواب جو وقفو ختم ٿيڻ بعد مسلم ليگ فنڪشنل جي نند ڪمار تحريڪ التوا پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ مرڪز ناهن کوليا ويا. ان تي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته پوري صوبي ۾ مرڪز کوليا ويا آهن ۽ خوراڪ وارو وزير پاڻ سڀني ضلعن جو دورو ڪري رهيو آهي، ان جي باوجود به اسان يقين دهاني ٿا ڪرايون ته جيڪي به مرڪز بند آهن اهي به جلد کوليا ويندا. پي پي جي ميمبرن درخواست ڪئي ته اڳوڻي وڏي وزير عبدلله شاهه مرحوم جي ورسي ۾ انهن کي وڃڻو آهي، تنهنڪري اجلاس جي باقي ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي. ان کان اڳ ايوان تحريڪ التوا اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي جنهن موجب اجلاس جي باقي ايجنڊا ايندڙ پرائيويٽ ڊي تي کنئي ويندي. ان بعد اسپيڪر اجلاس جمٿي ڏينهن صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *