عربي سمنڊ ۾ ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان شاهين ٿي ويو، پنجون الرٽ جاري، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان بارش بھ جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) موسميات کاتي چيو آهي ته عربي سمنڊ ۾ ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان شاهين ٿي ويو ساموندي طوفان بلوچستان جي سامونڊي پٽي جي ويجهو گذرندو جڏهن ته سنڌ جي ساموندي پٽي کي ڪوئي خطرو نه آهي موسميات کاتي ساموندي طوفان بابت پنجون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو ڊيپ ڊپريشن ڪراچي جي ساحل کان 160 ڪلوميٽر پري آهي جڏهن ته سنڌ جي ساحل کي طوفان کان ڪوئي خطرو نه آهي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود سامونڊي طوفان جي چوڌاري هوا جي رفتار 65 کان 85 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي عربي سمنڊ ۾ رهندڙ طوفان تيزي سان ڪراچي ڏانهن وڌي رهيو اهي جنهن کان پوءِ هي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ طوفاني هوائن سان برسات جو سبب بڻجندو ساموندي طوفان کان بلوچستان جا علائقا گوادر، لسٻيلو، ڪيچ، خضدار، قلات ۽ پنجهور ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته سنڌ جي علائقي ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو بدين سميت ٻين ضلعن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب رات دير سان ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ڏکڻ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جي انتظامن جو جائزو ورتو مختلف علائقن جي دوري وقت مرتضيٰ وهاب بلدياتي عملي کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي هن چيو ته نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي ۽ پاپوش نگر ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ طريقيڪار جوڙيو آهي، موسميات کاتي هدايت ڪئي ته سمنڊ ۾ 3 آڪٽوبر تائين چاڙهه وري صورتحال رهندي تنهنڪري ماهگير 3 آڪٽوبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃن موسميات کاتي شهر ۾ ٿيندڙ برسات جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن مطابق سڀ کان وڌيڪ برسات ناظم آباد ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 24.4 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئيوئي، پي اي ايف فيصل بيس تي 20، بيس مسرور تي 19، ڊفينس فيز ٽو ۾ 17.6، يونيورسٽي روڊ تي 9.1 ۽ سعدي ٽائون ۾ 9 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام ڪوٽ ۾ 21، ڏيپلو، 19، مٽي 16، لاڙڪاڻو 10، ڇاڇرو، بدين 8، موهن جو ڌڙو، دادو 6، ننگرپارڪر 4، پڊعيدن، ٺٽو 3 ۽ ٽنڊوڄام هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *