عربي سمنڊ ۾ ٺهيل اشوڀا طوفان سبب سامونڊي ويرن ۾ چاڙهه، طوفان ڪراچي کان 550 ڪلوميٽر پري آهي:موسميات کاتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عربي سمنڊ ۾ ٺهيل اشوڀا طوفان سبب سامونڊي ويرن ۾ چاڙهه اچي وئي، موسميات کاتي چيو آهي ته طوفان ڪراچي کان 550 ڪلو ميٽر پري آهي، في الحال سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو ڪو به امڪان ناهي. سائيڪلون وارننگ سينٽر جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀـُـٽـَـي موجب اشوڀا طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 550 ڪلوميٽر ۽ اومان کان 700 ڪلوميٽر پري آهي. هن ٻڌايو ته سامونڊي طوفان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب 80 سيڪڙو امڪان آهي ته اشوڀا اومان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجندو،جڏهن ته طوفان 20 سيڪڙو بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 12 کان 36 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن وسي سگهي ٿو،جڏهن ته بلوچستان جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جا مهاڻا خميس تائين،جڏهن ته بلوچستان جا مهاڻا اڄ کان جمعي تائين کــُليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. ٻئي طرف صحت کاتي سامونڊي طوفان ۽ برسات جي امڪان سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *