
بغداد (م.ڊ) عراق جي گادي واري هنڌ بغداد ۾ فائرنگ ۽ آپگهاتي حملن جي مختلف واقعن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،جڏهن ته ويڙهاڪ تنظيم داعش حملن جي ذميواري قبولي ورتي آهي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق اتر اوڀر بغداد جي علائقي مقدايا ۾ بارود سان ڀريل ڪار کڻي آپگهاتي دهشتگرد هڪ هوٽل ۾ داخل ٿيا،جڏهن ته هڪ دهشتگرد هوٽل جي اندر داخل ٿيندي ئي،فائر کولي ڇڏيا،جڏهن ته ڪار ۾ موجود آپگهاتي حملو ڪندڙ ڪار کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،هوٽل اندر موجود ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.