دبئي(م.ڊ) دبئي ۾ گرفتار لياري گينگ وار جي مک ڪردار عزير بلوچ کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ 2 رڪني ٽيم دبئي پهچي وئي آهي. عذير بلوچ کي 29 ڊسمبر تي دبئي ۽ عمان بارڊر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ٽيم دبئي پهتي آهي. دبئي پهتل ٽيم جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ ايندڙ آچر کان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. عذير بلوچ تي قتل ۽ ڀنگ لاءِ اغوا سميت مختلف ڪيس داخل آهن، سندس گرفتاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيون عدالتون ڪيترائي ڀيرا وارنٽ جاري ڪري چڪيون آهن…