عدنان سميع کي انڊين شهريت ڏيڻ جون تياريون

نئين دهلي (شوبز نيوزِ) هندستاني حڪومت گذريل هڪ ڏهاڪي کان هندستان ۾ ترسيل ۽ بالي ووڊ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني گلوڪار عدنان سميع کي شهريت ڏئي رهي آهي. ڀارتي اخبار هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته شيو سينا پاران ممبئي ۾ غلام علي جو ڪانسرٽ ملتوي ڪرائڻ جي ڪوششن باوجود حڪومت عدنان کي شهريت ڏئي رهي آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شهريت ڏيڻ جي معاملي تي اٽارني جنرل مڪل روحا تغي گهرو وزارت کي پنهنجي بهتر راءِ پهچائي هئي جنهن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هڪ سينئر افيسر ٻڌايو ته 2001 کان انڊيا ۾ رهندڙ عدنان کي انڊين سٽيزنشپ ايڪٽ 1995 جي سيڪشن ڇهه تحت شهريت ڏني ويندي. ان شق تحت سائنس، فلاسافي، آرٽ، ادب، دنيا ۾ امن ۽ انساني حقن لاءِ خاص خدمتون فراهم ڪندڙ درخواستگذارن کي شهريت ڏئي سگهجي ٿي. هلندڙ سال مئي ۾ گهرو وزارت پاڪتساني پاسپورٽ جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ انساني همدردي جي بنياد تي اڻڄايل مدي تائين رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *