عدم اعتماد ڪامياب ٿي وئي، عمران خان کي اين آرو نھ ملندو: گڏيل مخالف ڌر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان کي اين آر نه ڏنو ويندو. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي گھر تي اپوزيشن اڳواڻن جي ويهڪ ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان کي ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو. اپوزيشن اڳواڻن بي اعتمادي رٿ جي لاءِ ميمبرن جي گھربل کان وڌيڪ موجودگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان هڪ لک ماڻهو اسلام آباد آڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ملڪ ۾ ٽڪراءٌ، ڏڦيڙ ۽ افرا تفري پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. اپوزيشن خبردار ڪيو ته اهڙي ڪنهن به قدمن جي سمورن نتيجن جو ذميوار عمران خان هوندو، حڪومتي مشينري، آءِ جي اسلام آباد سميت ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا غير قانوني حڪم نه مڃن. ان کانسواءِ اپوزيشن جي پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ 173 قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ 172 ميمبرن جي حمايت گھربل آهي.  خيال رهي ته هڪ اهم شخصيت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پيغام اماڻيو ويو آهي. ذريعن موجب اپوزيشن اڳواڻن جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته موجود صورتحال ۾ عمران خان محفوظ رستو گھريو آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته عمران خان آڇ ڪئي آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، اسيمبليون ٽوڙيندس، عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن متفق نه ٿي ته هر طرح جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *