عدليه جي آزادي لاءِ نواز شريف عمران خان کان اڳتي آهي: احسن اقبال

حويليان (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته آرمي چيف جو پارليامينٽ کي بريفنگ ڏيڻ سٺو سنوڻ آهي، سول ۽ عسڪري گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهي آهي، آخري دهشتگرد جي پاڙ پٽڻ تائين جنگ جاري رهندي، فيض آباد ڌرڻو ڀوائتو خواب هو، محمد نواز شريف جي انصاف جي تحريڪ هلائڻ جي بيان کانپوءِ عمران خان جي رستن تي نڪرڻ واري ڳالهه فساد ڪرائڻ آهي، سي پيڪ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، حويليان، ٿا ڪوٽ موٽر وي جو افتتاح جلد ڪيو ويندو، وفاقي وزير اها ڳالهه اربع تي حويليان ٿا ڪوٽ موٽر وي تي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي، هن چيو ته مان سڄي قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري تي ڪم تيزي سان ٿي رهيو آهي، هن چيو ته حويليان ٿا ڪوٽ موٽر وي جو جلد افتتاح ڪيو ويندو، اهو حصو مڪمل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي جو رشتو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو، هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي حصي ۾ ڊيرا اسماعيل خان کان هڪلا تائين رستا تيزي سان تعمير ڪيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *