عدليا پ پ جي حق ۾ ڪڏهن به فيصلو ناهي ڏنو،ملڪ ۾ احتساب جو ٻٽو معيار آهي:بلاول ڀٽو

لاهور (م.ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جو ٻٽو معيار آهي، عدليا طرفان پ پ جي حق ۾ ڪڏهن به فيصلو ناهي آيو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي تازي سياسي صورتحال، خاص طور پنجاب ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مختلف رويا اختيار ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ سرڪاري آفيسن مان سرعام فائلون کنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته پنجاب ۾ اورنج لائين ۾ ڇا پيو ٿئي، ان کي ڪو ڏسڻ وارو ناهي. پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن پنجاب جي سرڪاري آفيسن مان فائلون کنيون وڃن ته پوءِ شهباز شريف جو ڪهڙو رد عمل هوندو ۽ هو ڇا سوچيندو ؟ هن چيو ته پارٽي ۾ هيٺان کان مٿان تائين تبديليون آنديون وينديون، جنهن جو فيصلو هو نه پر ايگزيڪيٽو ڪميٽي ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو سمورين ڌرين سان گڏجي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سينيئر اڳواڻن جي مدد سان پنجاب ۾ پ پ کي اڳ جيان مضبوط ڪيو ويندو.002

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *